شاشينڪ ريڊيمپشن
ھي فلم ڏسي لڳو ئي ڪونہ ايتري جلدي ختم ٿي ويندي، ھي توڻي جو وڏي فلم آھي پر ھن جا ڪردار، ٻولي، ميوزڪ ۽ ڪھاڻي پاڻ سان جوڙي رکي ٿِي. ھِن فلم کي مون لڳ ڀڳ ٽي ڀيرا ڏٺو آھي ۽ ھر ڀيري ھڪ نئون سبق مليو اٿم. ھِن فلم جا سڀ ڪردار لاجواب آھن ۽ ڪلائمڪس ايترو تہ جاندار آھي جو واھ واھ.. مون مورگن فريمين جون ٻيون فلمون بہ ڏٺيون پر ھِن ۾ سندس ڪردار جاندار آھي ۽اداڪاري لاجواب آھي. منھنجي طرفان رڪمنڊيشن آھي،
اسان ٽئِي
ھن فلم جي پيشڪش لاجواب آھي، اداڪار تہ ٻئي پنھنجو مٽ پاڻ آھن.. فلم ٿوري سِلو آھي، پر جيڪڏھن توھان ڊرامو ڏسڻ وارا آھيو ۽ صبر سان فلم ڏسڻ جا شوقين آھيو تہ ھي فلم توھان لاءِ آھي. ڪمال است..